اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ ابوظهبي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي چيئرمين شيخ خالد بن محمد بن زايد النهيان ملاقات ڪئي.

وزيراعظم ابوظهبي جي ولي عهد جي شاندار آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻطرفي ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.

هن مهيني جي شروع ۾ ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان پنهنجي انتهائي لاڀائتي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي بهترين سياسي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم ٻڌايو ته منهنجي ازبڪستان جي تازي دوري دوران ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي لائين منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ازبڪستان پڻ ان منصوبي ۾ ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ان منصوبي جي ڪري گوادر ۽ ابوظهبي پورٽس کي فائدو ٿيندو ۽ اهو منصوبو هن خطي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. وزيراعظم هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي گڏيل عرب امارات جا ٿورا مڃيا. هن مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي مسلسل ۽ مضبوط حمايت کي ساراهيو. پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل عرب امارات جي گهري دلچسپي کي ساراهيو. هن چيو ته مختلف پاڪستاني ادارن ۽ ابوظهبي پورٽس جي وچ ۾ تازي ڪامياب سيڙپڪاري جا قدم ان مضبوط ۽ مسلسل وڌندڙ تعاون جو روشن مثال آهن.

شيخ خالد بن محمد بن زايد النهيان جيڪو سينيئر عملدارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن تي ٻڌل وفد سان گڏ آهي، هن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان جي اقتصادي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا جو مشاهدو پڻ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بئنڪنگ، کاڻين جي کوٽائي، ريلويز ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن.