اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته حڪومت عورتن جي ڊجيٽل ۽ بحري صنعتن ۾ شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم شروع ڪيا آهن، ڊجيٽل خواندگي ۽ ٽيڪنالاجي تائين پهچ کي هٿي ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن ”ڊجيٽل فيوچرز 2025ع: پاڪستان ۾ عورتن جي اختيارن لاءِ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ“ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ پليٽ فارمز جي ڪردار تي روشني وڌي جيڪا عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ کين قومي ترقيءَ ۾ برابر شرڪت جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ اهم آهن، جڏهن ته ڊجيٽلائيزيشن باوجود پاڪستان ۾ ڪيترين ئي عورتن کي اڃا تائين به چئيلنجز درپيش آهن جن ۾ ٽيڪنالاجي تائين محدود پهچ، ثقافتي پابنديون ۽ آن لائن حراسمينٽ شامل آهي، انهن رنڊڪن کي نظر ۾ رکندي حڪومت عورتن جي ڊجيٽل ۽ بحري صنعتن ۾ شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم شروع ڪيا آهن، ڊجيٽل خواندگي ۽ ٽيڪنالاجي تائين پهچ کي هٿي ڏيڻ پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ ”ڪامياب جوان پروگرام“ ۽ مخصوص اسڪالرشپ ذريعي نوجوان عورتن کي ڊجيٽل تعليم ۽ مهارتن جي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي تعليمي ادارن سان گڏجي تربيتي پروگرام متعارف ڪرايا پيا وڃن ته جيئن عورتن جي ڊجيٽل معيشت ۾ اثرائتي شرڪت قابل بڻائي سگهجي. هن چيو ته روايتي طور تي مردن جي سرپرستي هيٺ سامونڊي شعبي ۾ به سڌارا آندا پيا وڃن ته جيئن عورتن کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪري سگهجن، حڪومت سامونڊي علمن ۾ اسڪالرشپ، خصوصي تربيتي پروگرام ۽ شپنگ، لاجسٽڪس ۽ ماهيگيري جهڙن شعبن ۾ عورتن لاءِ ڪيريئر جا موقعا وڌائي رهي آهي، عورتن جي انڊسٽريءَ ۾ شموليت کي يقيني بنائڻ هڪ جامع اقتصادي مستقبل جي جوڙجڪ لاءِ ضروري آهي. قيصر احمد شيخ چيو ته ڊجيٽل اسپيس کي عورتن لاءِ محفوظ ۽ جامع بنائڻ لاءِ حڪومت اهڙين صفني حساس پاليسين تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪي آن لائن سيڪيورٽيءَ کي بهتر بڻائين ۽ عورتن کي پيش ايندڙ سائبر خطرن کي گهٽ ڪن، ڊجيٽل حراسمينٽ خلاف خدشن کي مضبوط بنائڻ، ڊجيٽل پليٽ فارمز تائين مساوي پهچ فراهم ڪرڻ ۽ عورتن جي قيادت هيٺ ڊجيٽل ڪاروبارن لاءِ وسيلا مختص ڪرڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عورتن کي بااختيار بنائڻ نه صرف سماجي انصاف جي گهرج آهي پر اها قومي اقتصادي ترقيءَ لاءِ به اڻٽر آهي. هن حڪومت، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي وچ ۾ مضبوط ڀائيواري تي زور ڀريو ته جيئن ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ بحري موقعا عورتن لاءِ ترقي، نواڻ ۽ مالي خودمختياري جا ذريعا بڻجي سگهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي مستقبل طرف وڌي رهيو آهي جتي صنفي مساوات کي ان جي ڊجيٽل ۽ اقتصادي پاليسين ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ٿيندي جيڪا پائيدار ۽ جامع ترقيءَ جي راهه هموار ڪندو. اي پي پي/س – و/ح – ق 20:44