نيويارڪ-26 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي هڪ وفاقي جج خابرو اداري ايوسي ايٽڊ پريس (اي پي ) کي صدارتي سرگرمين تائين رسائي جو حق ٻيهر ڏيڻ لاءِ وائٽ هائوس کي فوري حڪم جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جج واضع ڪيو ته اي پي اهو ثابت نه ڪري سگهيو ته ان معاملي ۾ قبول نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهتو آهي. عدالت حڪومت تي زور ڏنو ته ٻه هفتا اڳ ايسو سي ايٽٽڊ پريس تي لاڳو ڪيل پابندين تي نظر ثاني ڪئي وڃي. جج مطابق وفاقي ڊسٽرڪٽ جج ٽريوراين ميڪ ايڊن جو ان مرحلي تي فيصلو عارضي هو. هن ٽرمپ انتظاميه ۽ ايسوسي ايٽڊ پريس جي وڪيلن کي واضع ڪيو ته ان ڪيس جوحتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان اڳ وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي.