بنڪاڪ-26 فيبروري (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي اختيارين سياحتي ويزه جو مدو مڪمل ٿيڻ باوجود 25 سال غير قانوني طورتي ٿائلينڊ ۾ گذاريندڙ برطانوي شهري کي گرفتار ڪري ورتو. ٿائيلينڊ جي اختيارين خابرو اداري کي ٻڌايو ته برطانوي شهري کي سياحتي ويزه جي مدو ختم ٿيڻ تي 25 سالن کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻڌايو ويو آهي ته 60 سالن جو شخص 2000 ع ۾ سياحتي ويزه ذريعي ٿائيلينڊ آيو هو، پوليس جي جاچ کان بچڻ لاءِ هو چوندو رهيو ته ويزه جي مدي ۾ توسيع لاءِ درخواست ڏنل آهي. برطانوي شهري 30 ڏينهن جي سياحتي ويزه تي ٿائيلينڊ آيو هو جنهن کي سومر ڏينهن اتر صوبي چيانگ مائي مان گرفتار ڪيو ويو. ٿائيلنڊ جي اختيارين ملڪ جي سياحتي علائقن ۾ سرچ آپريشن جي شروعات ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ برطانوي شهري جي گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.