اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي چيمپئز ٽرافي جو نائون ايڊيشن پاڪستان ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ 27 فيبروري تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو جنهن ۾ گروپ اي مان پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. پاڪستان جي ٽيم کي وڪٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ليڊ ڪندو، جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين نجم الحسين شانتو جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ شامل 8 ٽيمن ۾ ميزبان دفاعي چيمپئن پاڪستان، بنگلاديش، افغانستان، ڀارت، نيوزي لينڊ، انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا شامل آهن. پاڪستان جي ٽيم آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ ٽائٽل جي دفاع لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. سمورين 8 ٽيمن کي 2 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ دفاعي چيمپئن پاڪستان، بنگلاديش، ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون شامل آهن جڏهن ته گروپ بي ۾ افغانستان، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون شامل آهن. سمورين 8 ٽيمن جي ٻن گروپن مان ٻه، ٻه ٽاپ ٽيمون سيمي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جو پهريون سيمي فائنل ميچ 4 مارچ جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل ميچ 5 مارچ تي کيڏيو ويندو. جڏهن ته فائنل 9 مارچ تي کيڏيو ويندو.