اسلام آباد -26 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم موسمياتي تبديلين کي وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان ماحول دوست قدمن تي عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستاني قوم موسمياتي تبديلين جو بهادري سان مقابلو ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته پلاسٽڪ سيڪٽر جو جي ڊي پي ۾ 15 سيڪڙو حصو آهي، پلاسٽڪ جي ڪري ئي اسان جو ماحول متاثر ٿي رهيو آهي، روزاني جي بنياد تي اسان پلاسٽڪ جو استعمال ڪري رهيا آهيون ۽ اهو عمل ماحول کي زهريلو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ پلاسٽڪ يونٽس آهن جن سان 10 لک ماڻهو لاڳاپيل آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سخت فيصلا ايندڙ نسلن جي بقا جا ضامن آهن. جڏهن ته موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ علائقائي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو.