تاشقند – 26 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل عزم جو اظهار ڪندي ويجهي مستقبل ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي موجوده 400 ملين ڊالر کان 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ، علائقائي رابطي جي فروغ جي لاءِ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي سميت مواصلات، واپار، معدنيات، سياحت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ازبڪستان پاڪستان جو بااعتماد حصيدار آهي، واپار، سرمائي ۽ واپار ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، ٽرانس افغان ريلوي منصوبو پوري خطي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان جي سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان غزه جي مظلوم عوام جي حمايت جاري رکندو جڏهن ته ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف چيو ته عالمي چئلينجن جي باوجود ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ روشن مستقبل جي لاءِ معاهدا تمام اهم آهن، مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين، فضائي اڏامن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو، پنهنجي پرخلوص دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين.

اهڙن خيالن جو اظهار هنن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون بهترين ميزباني تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا صدين تي ٻڌل آهن ۽ اسان جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، شاهراهه ريشم کان شروع ٿيندڙ تاريخي لاڳاپن کي نئين بلندين تي کڻي وينداسين، اسان جو ماضي گڏيل آهي، ظهيرالدين بابر، امير تيمور ۽ ثمرقند ۽ بخارا سان اسان جو هڪ پراڻو تعلق آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا صحيح رخ ۾ مثبت انداز ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ انهن لاڳاپن کي سيڙپڪاري ۽ واپار جي بنياد تي ٺوس بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ازبڪستان ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حصيداري جي تمام گهڻي اهميت آهي، اسان ازبڪستان کي هڪ بااعتماد حصيدار سمجهون ٿا، سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته صدر شوڪت مرزايوف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۾ ان پاران جن جذبن جو اظهار ڪيو ويو اسان انهن کي سدائين ياد رکنداسين، اسان جي خواهش آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ استحڪام ملي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف اڳتي وڌون. وزيراعظم چيو ته صدر شوڪت مرزايوف پنهنجي ملڪ کي بدلائي ڇڏيو آهي، 2016ع ۾ هن جڏهن اقتدار سنڀاليو هو ته ان وقت ته ازبڪستان ۾ غربت جي شرح 42 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي گهٽ ٿي 8 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي. صدر شوڪت مرزايوف عملي قدمن تي يقين رکي ٿو، ازبڪستان ۾ سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري تڏهن هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر هئي جيڪا اڄ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو هڪ معجزو آهي، پر معجزا رڳو پرجوش تقريرن سان ناهن ٿيندا، صدر مرزايوف ازبڪستان کي ترقي جي نئين بلندين تي پهچايو آهي، معجزا ويزن، سخت محنت ۽ لگن سان حاصل ٿيندا آهن ۽ اهي سموريون خوبيون صدر شوڪت مرزايوف ۾ موجود آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي خوشحالي ۽ ترقي اسان جو گڏيل عزم آهي، آئون پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ پرعزم آهيان، پنهنجي قائد اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڏنل ترقي جي ويزن تي گامزن آهيون، ڊگهي ترين سفر جي شروعات پهرين قدم کان ٿيندي آهي جيڪو اسان کڻي ڇڏيو آهي، هڪ سال ۾ اسان جي معيشت ترقي ڪئي آهي، ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 2.4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، وياج جي شرح هڪ سال اڳ 22 سيڪڙو هئي هاڻي گهٽ ٿي 12 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اسان جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اڻٿڪ محنت ۽ پختي عزم سان ئي ترقي جو سفر طئي ڪري سگهجي ٿو، پنهنجي ٽيم سان گڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين کڻي وينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار ۽ ڪاروباري سرگرميون وڌي رهيون آهن، هڪ سال ۾ پاڪستان جي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، اها اقتصادي ترقي جي لاءِ اڃا شروعات آهي، پر اهو سفر آسان نه آهي، ترقي ۽ خوشحالي جو جيڪو مقصد ازبڪستان حاصل ڪيو آهي اسان ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، معاشي واڌويجهه جي شرح وڌي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، پر ان کان به اڳتي وڌي اسان گڏيل طور تي گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٽرانس افغان ريلوي رابطي جو مقصد حاصل ڪنداسين، اهو رڳو پاڪستان ۽ ازبڪستان جي لاءِ نه پوري خطي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو هوندو. وزيراعظم چيو ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان ان منصوبي جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪندو، ازبڪستان جي ترقياتي ماڊل مان فائدو کڻنداسين، اڻٿڪ محنت سان پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ هڪ ٻئي جي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، ٻطرفو واپاري ڪاٿو 400 ملين ڊالر مان وڌائي 2 ارب ڊالر تائين کڻي وينداسين. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت کي فروغ ڏنو ويندو، اڏامن جي انگ ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو، ريلوي جي ذريعي واپار اهميت رکندڙ آهي، معدنيات جي شعبي ۾ تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سياحت جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪنداسين، ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي جي تاريخ مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملندو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ازبڪستان جي واپار جي عالمي اداري ۾ جلد شموليت جو خواهشمند آهي، اسان کي اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدا ۽ مفاهمت جون يادداشتون جلد حقيقت ۾ بدلجنديون. هن چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ اسان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چئلينج جي هن وقت ۾ مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي رابطي ۽ علائقي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ضروري آهي، افغانستان جي سرزمين ڪنهن به عسڪريت پسند گروپ پاران پاڪستان سميت ڪنهن به ٻئي ملڪ تي حملي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رابطن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو، اسان گڏيل خوشحالي ۽ ترقي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ازبڪستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان غزه جي مظلوم عوام جي حمايت جاري رکندو، فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد سان ئي حل ٿي سگهي ٿو، اسان وچ اوڀر جي ٻه رياستي حل جي حمايت ڪريون ٿا، اهڙي طرح ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان خودمختياري جي حق جي لاءِ قربانيون ڏئي رهي آهي، پاڪستان سدائين انهن جي حمايت ڪندو رهندو. ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي ازبڪستان جي دوري تي ڀليڪار چئون ٿا، اسان جي ملاقات انتهائي ڪارائتي رهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، پاڪستان جو اسان جو بااعتماد حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته عالمي چئلينجن جي باوجود روشن مستقبل جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ معاهدا تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون کي فروغ ڏينداسين. درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ موقعن مان فائدو کنيو ويندو، اسان ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائي 2 ارب ڊالر تائين کڻي وينداسين. هن چيو ته خوشحال مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بين الحڪومتي ڪميشن موثر طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي، ٻطرفي لاڳاپن ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اضافو ٿي رهيو آهي، تاشقند ۽ لاهور جي وچ ۾ باقاعده اڏامون ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهن. هن چيو ته مختلف صنعتن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو، ان جي لاءِ بزنس فورم جو انعقاد ڪيو پيو وڃي، پاڪستاني ڪمپنين کي ازبڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو دورو تاريخي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان جي ناليواري ڪمپنين جا نمائندا تاشقند ۾ موجود آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي نئين باب جي شروعات ٿي رهي آهي، اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪائونسل کي فعال بڻايو ويندو، فارماسيوٽيڪل، ٽيڪسٽائيل، چمڙي جي صنعت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. هن چيو ته ٻطرفي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻنهي ملڪن مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته افغانستان جي سماجي ترقي ۽ فلسطين مسئلي جي لاءِ سفارتي ۽ منصفاڻي حل جي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون، ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ان حوالي سان چئلينجن ۽ انهن جي حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ريلوي رابطي سان واپار کي فروغ ملندو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ۾ پڻ اضافو ٿيندو، دفاع جي شعبي ۾ پڻ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته افغانستان جو هڪ وفد پن ازبڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جنهن سان ڳالهه ٻولهه ۾ مسئلن ۽ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن چيو ته امام بخاري، امام ترمذي، بهاءُ الدين نقشبندي ۽ ظهيرالدين بابر اسان جي لاءِ هڪ قابل قدر ۽ روحاني ورثو ڇڏيو آهي، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي فورم تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا رهندا. هن چيو ته بخارا، ثمرقند ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن سان سياحت کي فروغ ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ثقافتي ۽ روايتي شعبن ۾ تعاون کي وڌايو ويندو، اسان ان حوالي سان نمائشن ۽ فيسٽيولز منعقد ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته اسان ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ باقاعده روڊ ميپ تيار ڪنداسين ۽ اسان پنهنجي پرخلوص دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف مون کي خوبصورت ۽ بي مثال سرزمين پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي، آئون سندس دوري جي دعوت قبول ڪريان ٿو. هن رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهيني جي اچڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. هن چيو ته ٻطرفي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري جو فروغ وقت جي گهرج آهي، اسان محمد شهباز شريف جي  خيرسگالي جي جذبي تي سندس دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون.