اسلام آباد – 25 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ پرتگال جي سفير فريڊريڪو سلوا قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي سرڪاري خابرو ادارن جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي حوالي سان تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي پرتگال جي سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم، فن ۽ ثقافت، سياحت، ڪاروبار ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ پرتگال جي قومي خابرو ايجنسي (لوسا) جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سفير فريڊريڪو سلوا چيو ته هي ميڊيا ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي ۽ ٻنهي سرڪاري خابرو ادارن کي اهڙين خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا تي تعاون ڪرڻ گهرجي جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ فائديمند هجي.
هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن وٽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ سميت هڪ ٻئي سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مواصلاتي رابطي، ميڊيا، ثقافت، ڪاروبار، سياحت سميت مختلف شعبن ۾ مستقبل جي رابطن جي راهه هموار ڪنداسين جنهن سان ٻنهي قومن کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهبو. ملاقات ۾ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي پرتگالي سفير کي يقين ڏياريو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي فائدي جي لاءِ خبرن جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جو عمل تيز ڪيو ويندو.
سفير فريڊريڪو سلوا سان گڏ پرتگالي ليکڪه ۽ صحافي ٽيريسا نڪولائو پڻ گڏ هئي جيڪا 22 کان 27 فيبروري تائين پاڪستان جي دوري تي آهي. ان موقعي تي ٽيريسا نڪولائو پاڪستان ۾ پنهنجي مصروفيتن بابت ٻڌايو ته هو پاڪستان ۾ بهترين وقت گذاري رهي آهي، هن لاهور ۾ هڪ ادبي ميلي ۽ اسلام آباد ۾ ٻين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. هن پاڪستان جي ڀرپور ثقافت ۽ مصالحيدار ۽ لذيذ روايتي کاڌن کي خوب ساراهيو. ٽيريسا نڪولائو پاڪستان جي ثقافتي ۽ ادبي ورثي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ثقافت جي ذريعي ٻنهي دوست ملڪن جي عوام کي ڳنڍڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.