اسلام آباد – 25 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آزاد صحافت جمهوريت جو لازمي جز آهي، صحافين کي درپيش مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي. اها ڳالهه هن پي ايف يو جي جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ آزاد صحافت تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته صحافين کي درپيش مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پي ايف يو جي صحافين جو مضبوط آواز آهي، پي ايف يو جي سدائين صحافين جي حق جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته پي ايف يو جي جي نئين چونڊيل عهديدارن جي چونڊ صحافين جي لاءِ توهان جي لگن ۽ وابستگي جو ثبوت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته پي ايف يو جي صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ذميواراڻي صحافت جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ افضل بٽ کي صدر، ارشد انصاري کي سيڪريٽري جنرل، سعيد جان کي فنانس سيڪريٽري ۽ پي ايف يو جي جي سڄي ملڪ مان ٻين نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.