ڍاڪا-25 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش چيو آھي ته حڪومت وٽ آمريڪي اداري يو ايس ايڊ طرفان ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاءِ ڏنل 29 ملين ڊالرن جي گرانٽ جو ڪو به رڪارڊ موجود ناھي. ڍاڪا ٽربيون جي رپورٽ مطابق ايلون مسڪ جي سربراھي ۾ قائم نئين آمريڪي کاتي ڊپارٽمينٽ آف گورنمينٽ ايفي شنسي طرفان يو ايس ايڊ جي ٻين ملڪن کي گرانٽ ۾ 723 ملين ڊالرن جي گھٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ بنگلاديش لاءِ 29 ملين ڊالر ۽ ڀارت لاءِ 21 ميلن ڊالر جي امداد به شامل آھي. بنگلاديش جي سرڪاري اداري، اين جي او افيئرز بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل محمد انور حسين چيو آھي ته مون وٽ يو ايس ايڊ طرفان ڏنل 29 ملين جي رقم جو ڪو رڪارڊ موجود ناھي، ڇاڪاڻ ته اھا رقم انھن جي اداري ذريعي اين جي اوز کي فراھم ناھي ڪئي وئي. ھن ان ڳالھه جي به تصديق ڪئي ته ملڪ ۾ 75 کان وڌيڪ اين جي اوز کي نه رڳو يو ايس ايڊ مان فنڊ ملن ٿا بلڪه آمريڪا جي رھواسين کي به عطيو ملي ٿو. ھن واضح ڪيو ته جيڪڏھن پرڏيھي عطيو ڏيندڙ سڌي ريت رجسٽرڊ اين جي اوز کي چندو ڏين ٿا، تڏھن ئي اسان رقم جو رڪارڊ رکي سگھون ٿا.