دبئي-25 فيبروري (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي انساني وسيلن واري وزارت رمضان شريف دوران خانگي ملازمن لاءِ معمول جي وقت ۾ ٻه ڪلاڪ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خانگي سيڪٽر جا ادارا ۽ ڪمپنيون ڪم جي ضرورتن ۽ نوعيت موجب رمضان شريف دوران ڪم جي وقت ۾ ورڪ فراهم هوم ڪري سگهن ٿا. امارات حڪومت جي سرڪاري شعبي ان کان اڳ رمضان شريف دوران ملازمن جي وقت جو اعلان ڪيو هو. وزارتن ۽ وفاقي ادارن ۾ سرڪاري ڪم جو وقت سومر صبح 9 وڳي کان 2:30 وڳي، جڏهن ته جمعي واري ڏينهن 9 بجي کان منجهند 12 بجي تائين هوند.