اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان يحييٰ آفريدي سان چيف جسٽس هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ملڪي معاشي صورتحال ۽ معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف جسٽس کي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيف جسٽس جي ڏکڻ پنجاب، اندرون سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ڏورانهن علائقن جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ انصاف جي موثر وقت سر فراهمي جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت جي قدم کي ساراهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم ملڪي معاشي صورتحال ۽ معاسي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ملڪ جي مختلف عدالتن ۾ ڊگهي مدي کان التوا هيٺ ٽيڪس تڪرارن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيف جسٽس کي انهن ڪيسز ۾ ميرٽ تي جلد فيصلن جي گذارش ڪئي. چيف جسٽس وزيراعظم کان انصاف جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تجويزون پڻ گهري ورتيون. ان موقعي تي چيف جسٽس يحييٰ آفريدي وزيراعظم پاران انصاف جي نظام جي بهتري جي لاءِ ڪيل ڳالهه ٻولهه جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيف جسٽس کي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان موثر قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، رجسٽرار سپريم ڪورٽ محمد سليم خان، لاء اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري تنزيله صباحت پڻ شريڪ هئا.