اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزير ۽ قومي اسيمبلي ميمبر نواب محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نواب محمد يوسف ٽالپر جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي ۽ چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون سموريون همدرديون مرحوم جي خاندان سان گڏ آهن. هن مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.