پشاور-18 فيبروري (اي پي پي) سوات ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. زلزلي جي ماپ ڪندڙ مرڪز مطابق زلزلي جو مرڪز پاڪ، افغانستان ۽ تاجڪستان جو سرحدي علائقو هو جنهن جي گهرائي زمين جي سطح کان 166 ڪلو ميٽر هئي. زلزلي سبب شهري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي سبب هاڻي تائين ڪنهن جاني مالي نقصان جا اطلاع نه مليا.