سيوهڻ-18 فيبروري (اي پي پي) حضرت لال شهباز قلندر رح جي 773هين عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تي سيوهڻ شريف ۾ پانڌيئڙن جي وڏي رش رهي، هر طرف جهُولي لعل جي صدائن تي پانڌيئڙا ڌمالُون هڻندي لال شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري چادرون چاڙهي مرادون پوريون ٿيڻ تي عقيدت جو اظهار ڪري رهيا آهن.

جڏهن ته شهباز ميلا ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي اڳواڻي ۾ پانڌيئڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جٽادار اپا اختيار ڪيا ويا آھن. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال جو دورو ڪري پانڌيئڙن کي فراهم ٿيندڙ علاج جي سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پانڌيئڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ انتظاميه جي اولين ترجيح آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران پانڌيئڙن کي عرس مبارڪ دوران معياري کاڌ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي پاران لڳايل ڪئمپ جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي هن اتي موجود لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي عرس مبارڪ دوران صحت لاءِ نقصانڪار خوراڪ جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيوھڻ ۾ لڳايل مختلف سبيلن جو دورو ڪري پانڌيئڙن ۾ منرل واٽر جون بوتلون ورهايون. ان موقعي تي ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا به ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ هو جنهن کيس ٻڌايو ته پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران پانڌيئڙن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ٻئي ڏينهن به عرس مبارڪ جي نگراني ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي. دوري دوران چيئرمين ميونسپل ڪميٽي سيوھڻ سيد شھزاد حيدر شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ وقاص ملوڪ، اسٽاف آفيسر مظھر پنھور، سميت لاڳاپيل عملدار ساڻن گڏ ھئا. جڏهن ته ثقافت کاتي پاران اڄ ٻئي ڏينهن به ڊائريڪٽر جنرل ثقافت جي اڳواڻي ۾ شهباز پبلڪ لائبريري جي احاطي ۾ محفل موسيقي جو اهتمام ڪيو ويو. ان کان علاوه هٿ جي هنر جا اسٽال ۽ مختلف اديبن پاران لکيل ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن.