ماسڪو- 17 فيبروري (اي پي پي) يوڪرين ۽ روس جي وفدن وچ ۾ ڳالهيون 18 فيبروري تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ٿينديون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪ روبيو، قومي سلامتي جي صلاحڪار مائيڪ والٽز ۽ وچ اوڀر لاءِ آمريڪي صدر جي خاص ايلچي اسٽيووٽڪوف جي به انهن ڳالهين ۾ شرڪت جي توقع آهي پر آمريڪا جو خاص ايلچي ڪيٿ ڪيلوگ انهن ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ سندس آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ مهيني جي آخر تائين سعودي عرب ۾ ملاقات ڪري سگهن ٿا. اها رپورٽ آمريڪي ۽ روسي صدرن جي ان حوالي سان فون تي ڊگهي ڳالهه ٻولهه جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سامهون آئي آهي.