ڪراچي- 17 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ جي گورنر جن بلن تي اعتراض واريا ھُئا، اُھي اجلاس ۾ ٻيھر پاس ڪيا ويندا، سنڌ اسيمبلي جيئن ئي اھي بل پاس ڪندي ته اُھي بل ٻيھر گورنر کي موڪليا ويندا ۽ اُھي بل منظور سمجھيا ويندا. سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڪجھ سالن کي نوڪرين تي پابندي لڳل هئي ڪجھ ماڻھن عدالتن سان به رجوع ڪيو ھو، سنڌ حڪومت پاران نوڪرين جي لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت ڏني وئي آھي، عمر جي حد ۾ اھا رعايت سي ايس ايس ۽ پوليس جي نوڪرين تي لاڳو نه ھوندي. ھن چيو ته سيوھڻ روڊ تي روزاني انساني حياتين جو نقصان ٿئي ٿو، هن چيو ته سيوھڻ وارو روڊ، سکر ۽ حيدرآباد روڊ به نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جا آھن، سنڌ حڪومت تي تنقيد اجائي آهي. ھن چيو ته پي ٽي آءِ جي بئرسٽر سيف اڄ پيپلز پارٽي جي قيادت جي حوالي سان بيان ڏنو، پي ٽي آءِ وڻ وڻ جي ڪاٺي آھي، مختلف پارٽين مان ماڻھو پي ٽي آءِ ۾ ايندا رھيا، پي ٽي آءِ جو اڳواڻ جيل ۾ ويٺل آھي ته اھا پي ٽي آءِ جي سيڪنڊ ٽيئر جي اڳواڻن جي مھرباني آھي، انھن نه رڳو عوام کي گمراھ ڪيو، پر باني پي ٽي آءِ ملڪ کي عالمي طور تي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ جي سياست ڏڦيڙ، ملڪ ۽ ملڪي ترقي کي نقصان پھچائڻ آھي. اڪيلو خان ئي نه پر پوري پي ٽي آءِ اُن ۾ ملوث رھي آھي، ھي ماڻھو قرض نه ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي خط لکي رھيا ھُئا، پاڪستان ۽ پاڪستان جي ادارن جي سوشل ميڊيا تي واويلا ڪندا رھيا، پي ٽي آءِ مقامي توڙي عالمي طور تي پاڪستان کي ھر ممڪن نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ جا ترجمان پيپلز پارٽي تي تنقيد کان اڳ سوچين ته جھڙي قسم جي سياست ھُو ڪندا رھيا آھن اُن وڌيڪ آئينو کين ڪو به ڏيکاري نه ٿو سگھي. ھن چيو ته خيبرپختونخواھ ۾ پوليس ٿاڻن کان ٻاھر ناھي نڪري سگھندي، 15 سال پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اي پي ايس سانحو ٿيو، جيل ٽوڙيو ويو، خيبرپختوانخواھ جي پي ٽي آءِ حڪومت ۽ پوري پي ٽي آءِ وفاقي گادي واري شھر تي چڙھائي جي ڪوششن ۾ رڌل آھي، خيبرپختوانخواھ جا ماڻھو جيڪڏھن روزگار سانگي ھتي ايندا آھن ته اُن ڳالھ مان واضح ٿئي ٿو ته ڪي پي ڪي حڪومت پنھنجي عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏھن به بليڪ ميلنگ واري سياست ناھي ڪئي. اسان اسيمبلين جو قيام چاھيون پيا، جمھوريت لاءِ حڪومت سازي ۾ اسان (ن) ليگ جي غير مشروط حمايت ڪئي ھُئي، اڄ به اسان ڪنھن کي بليڪ ميل نه پيا ڪريون، اسان پنھنجي صوبي جو جائز حق گھري رھيا آھيون. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير چيو ته پي ٽي آءِ کي جيتريون به تحريڪون ھلائڻيون آھن يا يلغارون ڪرڻيون آھن اُھي وفاق ڏانھن يا ادارن خلاف نه پر دھشتگردن خلاف ڪن، جيڪي ڪي پي ۾ اسان جي معصوم ڀينرن ۽ ڀائرن کي ماري رھيا آھن، ڪي پي جو وزير اعليٰ پنھنجون توانائيون دھشتگردن خلاف استعمال ڪري. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ھيوي ٽريفڪ جو معاملو آھي، ڪراچي پورٽ سٽي آھي، ھتي پوري پاڪستان جي ھيوي ٽريفڪ ايندي آھي، بقدسمتي سان اسان جي ٻن ورھين جي سيس جا 180 ارب رُپيا سپريم ڪورٽ ۾ ھليا ويا آھن، اسان کين خط لکيا پر اڃا تائين اسان جي ٽيڪس جي رقم ڪورٽ ۾ جمع ٿي رھي آھي، چيف جسٽس کي اپيل ڪريان ٿو ته اسان جا پئسا سنڌ جي بنيادي ڍانچي تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڏين. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چارجڊ پارڪنگ اڄ کان ختم ڪئي وئي آھي، جيڪڏھن ڪو چارجڊ پارڪنگ ھلائي رھيو آھي ته اھو غير قانوني آھي. چيمپيئنز ٽرافي لاءِ سنڌ سرڪار مڪمل سيڪيورٽي فراھم ڪري رھي آھي، ھي اسان جي اولين ترجيح آھي، انشاالله چيمپيئنز ٽرافي خير ۽ خوبي سان ٿي ويندي.