اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جو چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنجن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو ٿي ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ وفد ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۽ ٻين اهم سيشنز ۾ شرڪت ڪندو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد ٻه طرفا لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ سميت مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون به ڪندو جنهن ۾ ٻه طرفا لاڳاپن، اقتصادي سهڪار ۽ خطي ۾ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. سينيٽ چيئرمين آذربائيجان ۾ منعقد ٿيندڙ ايشيائي اسيمبلي جي 15هين سالياني اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪندو. دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. دوري دوران هو پاڪستاني برادري ۽ واپاري شخصيتن سان ملقاتون به ڪندو. سينيٽ چيئرمين سان گڏ پارلياماني وفد ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر به شامل آهن. سينيٽ چيئرمين پنهنجي آذربائيجان جي دوري دوران ٻه طرفي سهڪار جا موقعا ڳولهيا ويندا. سينيٽ چيئرمين آذربائيجان ۾ ترسيل پاڪستاني ڪميونٽي سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌندو. اهو دورو پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ لاڳاپن جي نئين باب جي شروعات هوندو. پاڪستاني وفد جي دوري سان اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.