ھراري – 17 فيبروري (اي پي پي) زمبابوي ۽ آئرلينڊ جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ھڪ ڏينھن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ اڱارو 18 فيبروري تي ھراري اسپورٽس، ھراري ۾ کيڏي ويندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آھي. زمبابوي پھرين ميچ ۾ آئرلينڊ کي 49 رنسن تان شڪست ڏني ھئي جڏھن ته آئرلينڊ شاندار ڪم بيڪ ڪندي ٻئين ون ڊي ميچ ۾ ميزبان ٽيم کي 6 وڪٽن تان ھارائي ٽن ميچن واري سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. زمبابوي جي ٽيم کي ڪريگ ارون ليڊ ڪندو. مھمان آئرلينڊ جي ٽيم جي قيادت پال اسٽرلنگ ڪندو. ون ڊي سيريز جون سموريون ميچون ھراري اسپورٽس ڪلب، ھراري ۾ کيڏيون وينديون.