ڪراچي-14 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي، رائيل سعودي نيول فورسز جي ڪمانڊر وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي به ملاقات ۾ موجود هو، ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي ڀائپي وارن لاڳاپن ۽ ٻطرفي سامونڊي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سعودي سفير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا تاريخي ۽ مضبوط بنيادن تي قائم آهن، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ هر شعبي ۾ سهڪار کي وڌائينداسين. گورنر پاڪ سعودي سامونڊي سهڪار ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ گڏيل ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي ، گورنر پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي ۽ واپاري سهڪار کي وڌيڪ زور وٺائڻ جي عزم کي ورجايو.