اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته غير قانوني پناهگيرن جي مسئلن ۽ عمره پانڌيئڙن جي آڙ ۾ سعودي عرب وڃي پنڻ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ٿي رهيو آهي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اها حقيقيت آهي ته غير قانوني هجرت جي نتيجي ۾ ٻيڙين جي حادثن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن اهو مسئلو هڪ انساني بحران بڻجي رهيو آهي، اهڙي طرح عمري جي ويزه تي سعودي عرب وڃي پنڻ نه رڳو پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي پر اهڙو عمل سعودي قانون جي پڻ ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته حڪومت ان حوالي سان سخت قانون متعارف ڪرائي رهي آهي. حڪومت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، قانوني اميگريشن جو رستو آسان بڻائڻ ۽ غربت جي خاتمي جهڙن قدمن تي به ڌيان ڏئي رهي آهي.