اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ماحولياتي قدمن کي هٿي ڏيڻ، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۽ عوامي حصيداري ۾ واڌ لاءِ رضاڪارن تي ٻڌل ڪلائميٽ ٽاسڪ فورس بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي، رضاڪارن جي قيادت هيٺ اهو نئون قدم موسمياتي تبديلي بابت اگاهي پيدا ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ جي آبادي کي ماحولياتي پائيداري لاءِ موثر قدم کڻڻ لاءِ طاقتور بڻائي ٿو. اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ يوٿ ليڊرز سوسائٽي پاڪستان جي 5 رڪني وفد سان ملاقات دوارن ڪئي. رومينه خورشيد عالم تحقيق جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ رضاڪارن کي سڀ کان وڌيڪ جيڪي سرگرميون پنهنجي طرف ڇڪائي رهيا آهن ان ۾ ماحولياتي منصوبن، صحت جي سال سنڀال، ڪميونٽي ڊولپمنٽ، راند، قدرتي آفتن کان بحالي جي سرگرميون ۽ امداد، نوجوانن ۽ رضاڪارن جي ترقي جا پروگرام شامل آهن. هن چيو ته رضاڪار، عالمي موسمياتي سفارتڪاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن رضاڪارن جي اهم ڪردار تي زور ڀريندي چيو ته هو آگاهي واڌئڻ ۽ موسمياتي قدمن لاءِ وڪالت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته کيس آذربائيجان باڪو ۾ ٿيل ڪوپ 29 موسمياتي سربراهي اجلاس دوران رضاڪارن جي شاندار ڪردار کي ڏسڻ جو موقعو مليو، جتي هن سڄي دنيا جي نمائندن جي دل سان خدمت ڪئي. گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي 29 سال کان ننڍي عمر واري آهي ۽ ڪجهه ماڻهو بي روزگاري جي باوجود رضاڪاراڻن ڪمن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. رومينه خورشيد عالم وفد کي چيو ته هو نوجوانن ۾ رضاڪاراڻي ڪم کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن.