لاهور – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم ۽ دبئي جي فرمانروا شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ گورنمنٽس سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل عرب امارات جو 10 ۽ 11 فيبروري تي ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم دبئي ۾ منعقد ورلڊ گورنمينٽس سمٽ ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان ملاقاتن سان گڏوگڏ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل مختلف ملڪن جي حڪومتي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم دوري دوران گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي گڏيل عرب امارات جو ٻيو دورو آهي.