اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اڳوڻن ناڻي وارن وزيرن شاهد جاويد برڪي ۽ ڊاڪٽر شمشاد اختر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ملڪ جي معاشي ترقي، معيشت جي استحڪام جي بحالي ۽ پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ حڪومتي ڪوششن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهد جاويد برڪي ۽ شمشاد اختر جيڪي مالي معاشي معاملن ۾ پنهنجي مهارت ۽ قيادت لاءِ مشهور آهن، پنهنجي وسيع تجربي جي روشنيءَ ۾ قيمتي رايا ۽ تجويزون پيش ڪيون. هن ناڻي واري وزير جي معاشي بحاليءَ جي حوالي سان ڪوششن ۾ تعميري مشورا فراهم ڪيا. ناڻي واري وزير ٻنهي معاشي ماهرن جي اداره سازي ۽ معاشي پاليسي ۽ مختلف حيثيتن ۾ معاشي انتظام جي شعبن ۾ نمايان خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي شخصيتن ملڪي مالياتي منظرنامي جي جوڙجڪ ۽ ناليوارن مالياتي تعليمي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن جو چوڻ هو ته شاهد جاويد برڪي ۽ شمشاد اختر جهڙن تجربيڪار ماهرن جي رهنمائي ۽ تجويزون حڪومت جي معاشي پاليسين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ سمورن حصيدارن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ٻنهي معاشي ماهرن حڪومت طرفان معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ به تعاون جو عزم ورجايو. ملاقات ۾ ناڻي واري وزارت جا اعليٰ عملدار به موجود هئا.