اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جده ۾ ملڪ جي پهرين سنگل ڪنٽري نمائش ميڊ اِن پاڪستان جو افتتاح ڪيو، اها نمائش 3 ڏينهن جاري رهندي. واپار واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب ۾ سنگل ڪنٽري ميڊ اِن پاڪستان نمائش جو بندوبست ڪيو ويو، اهو 3 ڏينهن جاري رهندو. تقريب ۾ سعودي عملدارن، ڪاروباري اڳواڻن ۽ سفارتڪارن به شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان تقريب کي خطاب ڪندي ٻه طرفي معاشي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي صنعتي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن سعودي عرب طرفان نمائش جي بندوبست ۾ پُختي حمايت تي ٿورو مڃيو. هن جو چوڻ هو ته هي نمائش پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پُراڻن لاڳاپن جو ثبوت آهي جيڪو گڏيل ايمان، ثقافتي رشتن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداريءَ تي ٻَڌل آهي. واپار واري وزير چيو ته هي نمائش پاڪستان جي بهترين شين ۾ ٽيڪسٽائل، راندين جو سامان، لائيٽ انجنيئرنگ، خوراڪ، تعميراتي مواد ۽ ٻين شعبن تي ٻَڌل آهي ۽ خدمتن کي سعودي عرب ۽ خطي جي عوام سامهون پيش ڪرڻ جو هڪ پليٽ فارم آهي. هن سعودي عرب سان واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جا لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان جي اسرندڙ صنعتي بنياد ۽ متحرڪ معيشت گڏيل تعاون جا بي پناهه موقعا فراهم ڪري ٿو، خاص ڪري فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، معدنيات ۽ انساني وسيلن جي شعبن ۾ بي پناهه موقعا موجود آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. سعودي عرب پنهنجي ويزن 2030ع تحت ان موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهي ٿو. هن سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جي ڪردار کي به اجاگر ڪيو. وفاقي وزير سعودي عرب ۾ 27 لک پاڪستانين جي خدمتن کي ساراهيندي کين ٻنهي ملڪن لاءِ مضبوط لاڳاپن جو بنياد قرار ڏنو. هن چيو ته گذريل 5 سالن ۾ 17 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڪارڪن سعودي عرب ويا آهن جيڪي پاڪستان لاءِ وڏي منزل بڻجي چڪا آهن. ڄام ڪمال خان نمائش ۾ پاڪستان جي عالمي شهرت يافته فوٽبال مينيوفيڪچرنگ انڊسٽريءَ کي به اجاگر ڪيو. هن 2034ع فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني کٽڻ تي سعودي عرب کي مبارڪون ڏنيون ۽ خاطري ڪرائي ته پاڪستان هن وقت ايونٽ لاءِ فوٽبال تيار ڪرڻ جي پنهنجي روايت جاري رکندو. اسان کي يقين آهي ته فيفا 2034ع لاءِ به اسان جي شموليت جاري رهندي. ڄام ڪمال خان پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري ادارن وچ ۾ گهري تعاون تي زور ڀريندي آفريقا، وچ ايشيا ۾ گڏيل منصوبن جي موقعن کي تلاش ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسان گڏجي نَيون مارڪيٽون دريافت ۽ ڪامياب ٽه ڌُري حصيداري قائم ڪري سگهون ٿا. وفاقي وزير سعودي قيادت ۽ ڪاروباري برادريءَ جو ٿورو مڃيندي چيو ته هي نمائش اسان جي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ معاشي حصيداريءَ جي علامت آهي، مون کي يقين آهي ته هن تعاون کي هٿي ڏيڻ سان گڏيل ترقيءَ جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ياد رهي ته ميڊ اِن پاڪستان نمائش ۾ 137 پاڪستاني ڪمپنين حصو ورتو. هن نمائش ۾ نمايان سعودي عملدار، سفارتڪار ۽ ڪاروباري برادري جا ماڻهو شريڪ ٿيا. هي تقريب پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ خوشحال ۽ مربوط مستقبل لاءِ گڏيل ويزن کي اجاگر ڪري ٿو.