بيجنگ / اسلامَ آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪيانگ سان عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وقت جي هر آزمائش تي پورو لهندڙ گهري ۽ پائيدار حصيداري تي زور ڏنو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات جي موقعي تي صدر پائيدار ۽ گهري چين پاڪستان هر موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جو ذڪر ڪيو جنهن کي ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن نسل در نسل اڳتي وڌايو ۽ مضبوط ڪيو آهي. هن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وقت جي هر آزمائش تي پورو لهندڙ گهري ۽ پائيدار حصيداري تي زور ڏنو. صدر علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اهم ڪردار تي روشني وڌي ۽ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا جي لاءِ چين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. ڌرين گڏيل اڳڀرائي ۽ گڏيل خوشحالي کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ قابل تجديد توانائي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفراسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي گهرو ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت اعليٰ معيار جي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن بزنس ٽو بزنس ۽ نجي شعبي جي رابطن جي ذريعي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ عوام سان عوام ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.