اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته يومِ يڪجهتي ڪشمير جي حڪومت ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ جاري جدوجهد جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿي. ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جبر ۽ ڏاڍ کي مُنهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته انهن جو عزم ۽ حوصلو پختو آهي. يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميري عوام کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي، اهي منظم رياستي ڏاڍ ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو شڪار آهن. پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي جائز مطالبن جي حق ۾ آواز بلند ڪندو رهندو. خوداراديت وارو حق ڪا رعايت نه پر هڪ تسليم ٿيل انساني بنيادي حق آهي، جنهن کي گڏيل قومن سميت عالمي برادريءَ تسليم ڪيو آهي، ڪنهن به ڏاڍ ۽ طاقت ذريعي آزاديءَ جي جدوجهد کي هميشه لاءِ دٻائي نٿو سگهجي. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو پنهنجي خاموشي ٽوڙي مظلوم ڪشميري عوام جي حق ۾ آواز بلند ڪري. اڄ جي ڏينهن اسان ڪشميري عوام جي عظيم قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ کين يقين ڏياريون ٿا ته پاڪستان انهن سان گڏ آهي ۽ هميشه رهندو، جيستائين انصاف ۽ خوداراديت واري حق جو خواب حقيقت نٿو بڻجي.