ڪوئيٽا – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سي ايم ايڇ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ قلات ۽ بلوچستان جي ٻين ضلعن ۾ دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندي زخمي ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جوانن جي بهادري ۽ همت تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ زخمي جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ملڪ جي لاءِ قرباني جي جذبي ۽ وطن جي حفاظت جي انهن پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، بجلي وارو وفاقي وزير اويس لغاري پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته توهان سڀ قوم جا هيرو آهيو، مون سميت پوري قوم کي توهان تي ۽ قرباني جي جذبي سان سرشار توهان جي گهرڀاتين تي فخر آهي، جيستائين قوم جو تحفظ اهڙن بهادر جوانن جي هٿن ۾ آهي، دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسي نٿا سگهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي جي لاءِ هٿياربند فوج ۽ پاڪستاني عوام گڏ آهن. بلوچستان ۾ دهشتگرد ۽ شِر جو ماحول پيدا ڪندڙ عنصر بلوچستان جي ترقي جا دشمن آهن.