لاهور – 03 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ جو مقصد فيڪ نيوز جو خاتمو ۽ سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي، صحافت جي آڙ ۾ سوشل ميڊيا کي آزاد نٿو ڇڏي سگهجي، ڪرپشن ادارن کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو، اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ادارن کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن، صحافين کي درپيش مسئلن جو حل اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ بيگم ساجده فاروق تارڙ، هيريٽيج اينڊ ڪلچر بابت ڪوآرڊينيٽر فرح ديبا، ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي لاهور شفقت عباس، انچارج اي پي پي اردو نيوز سروس لاهور محمد عبدالله، صدر يونين راڻا عبدالرحمان، صدر اي پي پي ايمپلائيز يونين اسلام آباد ملڪ خضر زمان، اي پي پي ايمپلائيز يونين جي عهديدار، سينيئر صحافين سميت وڏي انگ ۾ ٻيا ماڻهو پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ادارن جا ملازم قومي اثاثو آهن، ملازمن جي محنت، لگن ۽ مهارتون ئي اداري جي ڪاميابي جو بنياد هونديون آهن. حڪومت ادارن جي بهتري ۽ انهن کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيليويزن، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان سميت اطلاعات واري وزارت جا ماتحت ادارا عالمي سطح تي ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ريڊيو پاڪستان تان پاڪستان جي آزادي جو اعلان ٿيو جيڪو هڪ وڏو اعزاز آهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي قومي ادارا آهن جيڪي عوام کي معلومات جي فراهمي جي بنيادي ذميوارين جي ادائيگي سان گڏوگڏ ملڪ جي نظرياتي سرحدن جا محافظ پڻ آهن. اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ادارن کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وفاقي وزير چيو ته موجوده دور جديد ٽيڪنالاجي جو دور آهي، اسان کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وزارت جي سمورن ماتحت ادارن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي جنهن جو مقصد ادارن کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ادارن جي ڀلائي ان جي ملازمن سان واڳيل آهي، ادارن جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪندڙن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڪرپشن ادارن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي جنهن جي ڪري اسان کي سخت قدم کڻڻا پيا. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي جي اداري مان ڪرپشن جي خاتمي جي ڪوششن کي ساراهيندي وفاقي وزير چيو ته ڪرپشن جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. پيڪا ايڪٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيڪا ايڪٽ جو مقصد رڳو فيڪ نيوز جو خاتمو ۽ سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جي ذريعي فيڪ پروپئگنڊه ڪئي پئي وئي، جعلي خبرون، هراسمينٽ، ٻارن سان بدسلوڪي جهڙيون نامناسب خبرون ڦهلايون پئي ويون، ملڪي سالميت کي نقصان پهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، معيشت جي حوالي سان غيريقيني صورتحال پيدا ڪرڻ، ماڻهن کي هراسان ڪرڻ، انهن تي ڪوڙيون فتوائون لڳائڻ، توهين جو الزام هڻي واجب القتل قرار ڏيڻ، عورتن کي بليڪ ميل ڪرڻ جهڙا ڪڌا ڏوهه سرانجام ڏنا پئي ويا جنهن سان نفسياتي مسئلا جنم وٺن ٿا. هن چيو ته صحافت جي آڙ ۾ سوشل ميڊيا کي آزاد نٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ ضروري سمجهندي پيڪا ايڪٽ جي منظوري ڏني جنهن جو بنيادي مقصد سوشل ميڊيا جي ذريعي پهچائي ويندڙ نقصانن ۽ خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته جلد ڊيجيٽل ميڊيا پروٽيڪشن اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن ۾ نجي شعبي مان نامزدگيون ڪيون وينديون ۽ پريس ڪلب يا صحافتي تنظيمن سان واڳيل صحافين کي ان ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٽربيونل ۾ به صحافين ۽ آءِ ٽي پروفيشنل کي شامل ڪيو ويو آهي، اپيل جي حوالي سان تمام گهڻو ابهام موجود آهي، ٽربيونل تي لازم آهي ته 24 ڪلاڪن جي اندر اسپيڪنگ آرڊر پاس ڪري ۽ ان آرڊر کي رٽ پٽيشن جي ذريعي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهبو. هن چيو ته رٽ پٽيشن ۽ ٽربيونل ۾ پرائيويٽ ميمبرز جو حق موجود آهي ۽ صحافي به موجود آهن، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جو حق به موجود آهي، اڃا ان جا رولز ٺهڻا آهن، ان ۾ مشاورت جي گنجائش موجود آهي، مشاورت ۾ سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلنداسين. وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا جا خطرا روڪڻ جي لاءِ هي هڪ سٺو قدم آهي. پيڪا ايڪٽ ۾ دنيا جي بهترين طريقن کي اختيار ڪيو ويو آهي، ان ايڪٽ ۾ ڪا تڪراري شق آهي ته سامهون آندي وڃي، اسان ان تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ريديو پاڪستان آفيس لاهور پهتو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ مٿس گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ويون. آخر ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي نئين چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو، انهن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن اداري سان توهان جي ٻارن جو رزق واڳيل آهي ۽ مون کي اميد آهي ته يونين اداري جي بهتري جي لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لگن سان ڪم جاري رکندي. اطلاعات واري وفاقي وزير اي پي پي جي ملازمن کي درپيش مسئلن جي حل جي پڻ خاطري ڪرائي. تقريب جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن کي شيلڊز ڏنيون ويون.