اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ گذريل ڏينهن قلات ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ بهادري سان وڙهندي زخمي ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي صحت معلوم ڪندو. وزيراعظم جي ڪوئيٽا ۾ صوبائي قيادت سان ملاقات پڻ ٿيندي ۽ کيس امن امان جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني ويندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ بجلي وارو وفاقي وزير اويس لغاري پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.