اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عبوري مرحلي دوران احمد الشرع جي شام جي صدارت سنڀالڻ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اميد ڪريون ٿا ته نئين قيادت شام جي برادر عوام لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪامياب ٿيندي. ٻئي پاسي وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ احمد الشرع کي عرب جمهوريه شام جي صدارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون، هن اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت شام جي عوام لاءِ امن ۽ ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي.