اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت محدود سيٽن تي حج درخواستن جي وصولي30 جنوري تي بند ڪئي ويندي جڏهن ته پرائيويٽ حج پانڌيئڙن جي بڪنگ جمعي تائين جاري رهندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سمورن حج پانڌيئڙن کي نئين معلومات ۽ هدايتن لاءِ پاڪ حج 2025ع موبائل ايپ ڊائون لوڊ ڪن ته جئين انهن کي حج بابت معلومات بابت آگاهي ملندي رهندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته حج ادائيگين جي ٽئين قسط پهرين کان 10 فيبروري تائين وصول ڪئي ويندي. سرڪاري اسڪيم ۾ محدود انگ ۾ سيٽون باقي آهن. حج جا خواهشمند 30 جنوري تائين پنهنجون درخواستون جمع ڪرائين. شارٽ حج جي بڪنگ مڪمل آهي. خالي حج سيٽن تي صرف لانگ حج پيڪيج جي بڪنگ ٿيندي.