ڪراچي-27 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي فيصلي مطابق يونيورسٽين جي وائس چانسلرز جي مقرريءَ کي بهتر بڻايو ويو آهي، هاڻي اهو طريقيڪار اختيار ڪيو پيو وڃي ته استاد، پروفيسر سان گڏ ڪو رٽائرڊ ۽ لاڳاپيل شعبي جو ماهر پڻ وائس چانسلر جو اميدوار ٿي سگهي ٿو، موجوده نظام تحت ڪنهن به پروفيسر کي وي سي مقرر ڪري سگھجي ٿو، پروفيسرز جي وي سي طور مقرري جو قانون به پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ٺاهيو هو، ائين ناهي جو ڪو پروفيسر وي سي مقرر نٿو ٿي سگهي پر ان کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جا اڳوڻا وي سي علامه آءِ آءِ قاضي، مظهر الحق صديقي، نثار صديقي، مهراڻ يونيورسٽي جا مظفر شاهه بيووروڪريٽ هئا، پر کين وي سي مقرر ڪيو ويو، سنڌ ۾ پهرين 8 يونيورسٽيون هيون، اڄ 30 يونيورسٽيون آهن، درخواست گذار محدود ٿي ويندا ته پوءِ ڇا ڪنداسين، نئين طريقيڪار مطابق عمر جي حد 62 سال رکڻ ۽ لاڳاپيل فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي جي شرط آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز کان درخواست آهي ته سنڌ حڪومت سان سھڪار ڪن. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٿرڪول جھڙن منصوبن تي ڪم ٿيو، ٿر ڪول منصوبو پيپلز پارٽي جي حڪومت شروع ڪيو،اڄ ٿر جو ڪوئلو پوري ملڪ ۾ سڀني کان سستو ڪوئلو آھي ۽ اُن جي بجلي سڀني کان سستي آھي، ماھر به مڃين ٿا ته سڀني کان سستي بجلي ٿر جي ڪوئلي مان ٺھي سگھي ٿي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ صوبو سڀني کان اڳتي آھي، اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ سي ايڇ، سائبر نائيف جھڙو ھڪ به ماڊل پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ ناھي، سنڌ جي گمبٽ اسپتال ۾ جگر ۽ ڦڦڙن جي مفت پيوندڪاري ٿي رھي آھي، اھڙو ماڊل ڪٿي به نه ٿو ملي، سنڌ جو سائبر نائيف دُنيا جو واحد يونٽ آھي جتي مفت علاج ٿي رھيو آھي، انساني صحت ۽ انساني حياتي سنڌ سرڪار جي پھرين اوليت آھي. ھن چيو ته سنڌ سرڪار روڊن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رھي آھي، سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ بهترين تعليمي خدمتون فراھم ڪيون پيون وڃن، سولرائزيشن جي منصوبي تحت سنڌ جي لکين ماڻھن کي سستي ترين سولر بجلي فراھم ڪرڻ جي منفرد منصوبي تي ڪم ٿي رھيو آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ 21 لک گھرن جي تعمير سان گڏ مالڪاڻن حقن جي فراھمي سنڌ سرڪار جو اھم ترين منصوبو آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي تي عوام ھر نيئن اليڪشن ۾ پھرين کان وڌيڪ اعتماد ڪيو ۽ وڌيڪ ووٽ ڏنا آھن، پيپلز پارٽي جي عوام ۾ پذيرائي آھي، ڪجھ چيلنجز آھن، سنڌ سرڪار اُنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھي آھي، صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، محترمھ فريال ٽالپور ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ته سنڌ جي ترقي لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن، اڄ به سڀني صوبن مان ماڻھو روزگار سانگي سنڌ جو رُخ ڪندا آھن اھا سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي جو ھڪ اھم ثبوت آھي، پورو پاڪستان ۽ سمورا صوبا اسان کي پيارا آھن ۽ سنڌ سمورن صوبن جي ماڻھن کي ڀليڪار ڪري ٿي. هن چيو سنڌ سرڪار پنهنجي محدود مالي وسيلن مان پنهنجي عوام جي بهترين خدمت ڪري رھي آھي هڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيني شھرين جي حوالي سان گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ اڳواٽ ئي وضاحت ڏئي چُڪا آھن، اسان چيني شھرين جي تحفظ کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز سمجھون ٿا، سڪيورٽي جي سلسلي ۾ ڪجھ ايس او پيز ترتيب ڏنيون ويون آھن، اسان چاھيون ٿا ته سڀ اُنهن ايس او پيز تي عمل ڪن. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پروفيسر يقيني طور تي وائس چانسلر بڻجي سگھن ٿا، پر انتظامي ماھرن ۾ به جيڪڏھن بهترين نمائندو ملي سگھي ٿو ته اُن کي به موقعو ملڻ جي گنجائش رکي وئي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ھن وقت پي ٽي آءِ سنجيده اندروني تضادن جو شڪار آھي، اسان چاھيون ٿا ته اُھي ڳالھين جي ميز تي اچن ۽ ملڪ جي خلاف غير ملڪي سازشون بند ڪن، جڏھن سندن باني کي سزا ٿي ته ھڪ شخص به احتجاج جي لاءِ نه نڪتو. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حددخلين خلاف ڪاررواين جي حمايت ڪريان ٿو، حد دخلين خلاف ڪارروايون جڏھن به شروع ٿينديون آھن ته اُنهن کي معاوضو به ڏيڻو پوندو آھي، سنڌ واحد صوبو آھي جنهن کي حددخليون ھٽائڻ تي معاوضو به ڏيڻو پوندو آھي، حددخلين خلاف ايڪشن تي پوليس تي حملا ٿيندا آھن حڪومت کي عوامي ردعمل مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو آھي. اسان کي پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻڻي آھي ۽ عوام حددخلين خلاف ڪارروائي جي وقت حددخليون ڪندڙن خلاف حڪومتي ڪاررواين ۾ سھڪار ڪن.