اسلام آباد- 27 جنوري (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڻي جي معاملي تي قيادت سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي، پيپلزپارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي ۽ ٻن صوبن وچ ۾ پاڻي جي مسئلي کي انڊس واٽر معاهدي مطابق حل ڪيو ويندو. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ضمير حسين گهمرو جي اعتراض واري نڪتي تي سنڌ جي پاڻي جي مسئلي تي وفاقي وزير چيو ته ڪئنال جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه سان مسئلو حل ڪنداسين، وزيراعظم محمد شهباز شريف ان تي مشاورت ڪندو، قيادت جي سطح تي اهو معاملو ايجنڊا تي آهي، پاڻي جي ورهاست جي حوالي سان بردباري سان آئين تحت ڳالهيون ٿينديون. سينيٽر بلال احمد چيو ته بلوچستان جو نصير آباد ضلعو پاڻي کان محروم آهي، اتحادي هجڻ جي باجود اسان کي پاڻي جي معاملي تي خدشا آهن. هن چيو ته حڪومت ٻڌائي ته نئين ڪئنال تي ڪيترو خرچ ايندو، چولستان کي پوکي لائيڪ بڻائڻ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب کي بنجر ڪرڻ چاهيو ٿا، نئين ڪئنال کي ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو نه بڻايو وڃي. قانون واري وزير چيو ته پاڪستان جا چارئي صوبا چار ڀائرن جيان آهن. هن چيو ته وزير اعظم پاڪستان ڳالهين سان معاملو حل ڪري ٿو، وفاقي حڪومت وٽ ڳالهيون پهريون آپشن ۽ اهي ئي آخري آپشن هئڻ گهرجي، گڏجي ويهي اهو معاملو حل ڪرڻو هوندو.