رياض -24 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ٻه طرفا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ولي عهد ۽ آمريڪي وزير ٻه طرفا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. شهزاده محمد بن سلمان ۽ مارڪو روبيو علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن کان علاوه خطي کي درپيش تازي صورتحال بابت خيالن ي ڏي وٺ ڪئي.