گڏيل قومون -23 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم روانڊا جي پرڏيهي وزير اوليويئر ڌونگيري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن آفريقا ۾ دهشتگردي جي روڪٿام جي ڪوششن ۽ عظيم ڍنڍن واري ان خطي جي صورتحال سميت ٻه طرفه لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها ملاقات گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ آفيس ۾ ٿي. پاڪستاني مشن مان جاري ڪيل بيان موجب سفير منير اڪرم چيو ته سندس ملڪ ”آفريقي مسئلن جو حل آفريقا ۾“ جي اصولن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي ۽ سلامتي ڪونسل ۾ پنهنجي صدارت جي دور ۾ ان تي قائم رهندو. هن علائقائي ۽ عالمي امن کي برقرار رکڻ لاءِ اثرائتي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏيندي گڏيل قومن جي امن مشنز ۽ آفريقي يونين جي قيادت هيٺ امن آپريشنز جي مستقبل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن جو چوڻ هيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي ٺهراءُ نمبر 2719 جو ڀرپور حامي آهي ۽ ان کي موثر انداز ۾ لاڳو ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. ان قرار داد ۾ آفريقي يونين ۾ امن ۽ امداد تي ٻڌل آپريشنز لاءِ گڏيل قومن تحت شراڪتداري تي زور ڏنو ويو آهي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي گذريل ڏينهن جي ڪوشش سڄي آفريقي خطي ۾ تعميري شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.