اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن پڻ شرڪت ڪئي. ايوان اچڻ تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم وزيرن ۽ ميمبرن سان هٿ ملايو.ان موقعي تي ڪيترن ئي ميمبر وزيراعظم جي سيٽ تي وڃي ساڻس ملاقات ڪئي.