گڏيل قومون- 22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان امن ۽ استحڪام جي بحالي جي ڪوششن جي حمايت ۾ آفريقي ملڪن سان دهشتگردي جي روڪٿام وارا تجربا شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وڏي کنڊ آفريقا ۾ دهشتگردي جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪندي چئي. هن چيو ته گذريل چار ڏهاڪن کان پاڪستان عالمي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ رهيو آهي. القاعده ۽ ٻين دهشتگرد گروپن خلاف ملڪ جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي هن چيو ته پاڪستان آفريقي ڀائر رياستن سان ان حوالي سان پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ان حوالي سان سلامتي ڪائونسل اندر ۽ گڏيل قومن جي دهشتگردي جي روڪٿام واري آفيس (يو اين او سي ٽي) سان گڏجي پنهنجي آفريقي حصيدارن سان دهشتگردي جي روڪٿام وارن تجربن جو سهڪار ڪرڻ ۽ ضروري اداري جاتي ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ پائيدار امن ۽ استحڪام کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن بابت آفريقا جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ تيار آهي. نمائندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو مقابلو ڪندي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي جنهن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ۽ ملڪي معيشت کي پهچندڙ نقصان شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرحدن اندر القاعده ۽ ٻين دهشتگرد گروپن خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪرڻ کانپوءِ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ داعش جهڙن دهشتگرد گروهن جو مقابلو جاري رکيو آهي جيڪي اسان جي سرحدن پار پناهگاهن کان پنهنجون ڪارروايون ڪري رهيا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته وڏي حد تائين پاڪستان جي ڪوششن سبب افغانستان ۾ پنهنجي بنيادي ڍانچي جي خاتمي کانپوءِ القاعده جون ڪيتريون ئي ذيلي تنظيمن ٻين هنڌن تي اڀريون آهن جن ۾ اتر آفريقا ۽ سب صحارا آفريقا شامل آهن. هن جو چوڻ هو ته شام ۽ عراق ۾ داعش کي ختم ڪيو ويو پر ان جي ذيلي تنظيمن افغانستان ۽ ٻين علائقن ۾ ڪَنڌ کنيو آهي، القاعده ۽ داعش تي پابندين جي ڪميٽي نمبر 1267 جي مانيٽرنگ ٽيم انهن دهشتگرد گروپن ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن کان دنيا کي لاحق خطرن جي نشاندهي ڪئي آهي. نمائندي چيو ته اسان کي دهشتگردي جي خطري کي گڏجي عالمي دهشتگردي جي روڪٿام جي حڪمت عملي تي ٻڌل هڪ جامع حڪمت عملي ذريعي منهن ڏيڻ گهرجي، اسان سڀ ان جنگ ۾ گڏ آهيون. هن ان سلسلي ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ موثر سيڪيورٽي ڍانچو قائم ڪرڻ لاءِ علائقائي موقف پيش ڪيو ۽ چيو ته ان مقصد لاءِ سلامتي ڪائونسل کي آفريقي يونين جي مشنز جي مالي مدد تي تيزي سان اتفاق ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي ته ان حوالي سان پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل قانونن ۽ معاهدن، تربيت ۽ گڏيل قومن جي اضافي هم منصبن سان آفريقي يونين جي ڪهڙي طرح مدد ڪري سگهجي ٿي. پاڪستاني نمائندي آفريقي يونين ۽ ان جي ذيلي علائقائي تنظيمن تي به زور ڀريو ته هو ٻين علائقائي تنظيمن جهڙوڪ ليگ آف عرب اسٽيٽس ۽ آرگنائزيشن آف اسلامڪ ڪوآپريشن (او آءِ سي) سان حصيداري جي امڪانن کي ڳولين. هن سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي پابندين جي حڪومتن جي ڪارڪردگي ۽ اثرن تي نظرثاني ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته اهڙيون پابنديون اڪثر ڪري لاڳاپيل ملڪن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهندي دهشتگردي جي خطرن تي ضابطو آڻڻ ۾ تمام گهٽ ڪردار ادا ڪن ٿيون، ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي دهشتگردي جي نئين سائبر ٽولز سميت ڊارڪ ويب ۽ ڪرپٽو ڪرنسيز (جن کي بنياد پرستي جي مهم، تشدد کي تي اڪسائڻ، دهشتگردي جي مالي مدد، پروپيگنڊا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي غلط معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ تيازي سان استعمال ڪيو پيو وڃي) تي پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ آفريقا ۾ دهشتگردي جي بنيادي سببن سميت غربت، معاشي مشڪلاتون، ناقص گورننس، ننڍن هٿيارن جي پکيڙ، منظم ڏوهاري گروهن جي موجودگي، غير قانوني معيشت، منشيات جي اسمگلنگ، وسيلن جو استحصال ۽ بار بار پرڏيهي مداخلتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته پاڪستاني فوجي جٿا 1960ع کان آفريقا ۾ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ شريڪ آهن ۽ هو ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ ڪانگو، وچ آفريقي ملڪن، مالي، سوڊان ۽ ڏکڻ سوڊان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.