ڀمبر – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دانش اسڪولن سان ملڪ ۾ تعليمي انقلاب ايندو، دانش اسڪولن ۾ مفت ڪتاب، کاڌو ۽ رهائش فراهم ڪئي وڃي ٿي، آزاد ڪشمير ۾ دانش اسڪولن جو ڄار وڇائينداسين، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو ڦيٿو نه هلندو، ملڪ جي خلاف سازشون ڪندڙ ناڪام ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير ۾ پهرين دانش اسڪول سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سينٽر آف ايڪسيلينس ڀمبر جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ دانش اسڪولن جو قيام خوش آئنده آهي، دانش اسڪول جو بنياد پنجاب جي پٺتي پيل علائقن جي ذهين ۽ باصلاحيت شاگردن جي لاءِ رکيو ويو جن جي والدين وٽ تعليمي خرچن جي لاءِ وسيلا نه هئا، هزارين ٻار دانش اسڪولن مان تعليم حاصل ڪري مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، هي دانش اسڪول ڪشميرين جي لاءِ علم ۽ دانش جو ڳڙهه بڻجندو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام پنهنجي آزادي جي جنگ وڙهي رهي آهي، انهن کي به ان منصوبي سان خوشي ٿيندي ته انهن جا ڪشميري ڀائر هتي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اسان کي سوچڻو پوندو ته والاريل ڪشمير ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڪيترو مشڪل آهي. هن چيو ته باصلاحيت يتيم ۽ غريب ٻار دانش اسڪول ۾ معياري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ان سان ملڪ ۾ تعليمي انقلاب ايندو، دانش اسڪولن ۾ مفت ڪتاب، کاڌو ۽ رهائش فراهم ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي جن علائقن ۾ تعليم ۽ تربيت جون سهولتون ميسر نه آهن اتي دانش اسڪولن جو ڄار وڇائينداسين، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي جدا جدا سموريون معياري سهولتون فراهم ڪيون وينديون، يتيم ۽ جن ٻارن جا والدين اعليٰ تعليم نه ٿا ڏياري سگهن اهي ٻار هتي تعليم حاصل ڪندا، نيلم سميت ٻين علائقن ۾ اهي اسڪول جلد شروع ٿيندا. هن چيو ته دانش اسڪول جي لاءِ سمورا فنڊز وفاقي حڪومت ادا ڪندي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هي اسڪول هڪ سال ۾ فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جا وڏا وزير اعليٰ تعليم ۽ صحت جي بهترين سهولتن جي فراهمي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ به دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي، جيستائين گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي ۽ آزادي جو سج نٿو اڀري، انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير ڪشميري ڀائرن جي حمايت جو پختو عزم رکي ٿو، ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انهن کي آزادي ملندي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ مختلف منصوبن جي لاءِ 20 ارب ڊالر رکيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، متحد ٿي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، آءِ ايم ايف سان پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو نه ٿيندو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو ڦيٿو نه هلندو، پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏئي رهيا آهن، اسان کي ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. انتشار سان ملڪ کي روزانو 190 ارب جو نقصان ٿئي ٿو، ملڪ جي خلاف سازشون ڪندڙ ناڪام ٿيندا. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم انوارالحق چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀمبر جهڙي پٺتي پيل ضلعي ۾ دانش اسڪول قائم ڪري علم جو ڏيئو روشن ڪيو آهي، اهو ان جو ڪريڊٽ آهي، ان عظيم منصوبي جي شروعات تي سندس ٿورائتا آهيون، هي گيم چينجر منصوبو آهي، پاڪستان ۽ ڪشميري عوام جو رشتو ڪلمه طيبه تي قائم آهي، اهو رشتو مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ڀارتي رياستي دهشتگردي جو ڪشميري متحد ٿي مقابلو ڪندا. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير امير مقام چيو ته آزاد ڪشمير ۾ دانش اسڪول جو منصوبو شروع ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، آزاد ڪشمير ۾ 4 دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪشميرين پنهنجي آزادي جي جدوجهد جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪشمير ڪاز زندهه آهي ۽ زندهه رهندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي بهادري ۽ جرئت سان اجاگر ڪيو، هن ملڪ کي درپيش چئلينجز کي بهتر طريقي سان منهن ڏنو، مانسهره، ميرپور، مظفرآباد منصوبي تي ڪم شروع ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو ته اڄ ڪشمير ۾ دانش اسڪولن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، تعليمي ترقي سان قومون ترقي ڪنديون آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سوچ موجب ملڪ ۾ جديد تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، دانش اسڪول مستقبل ۾ نوجوانن کي معياري تعليم فراهم ڪري ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ان موقعي تي پنجاب ۾ دانش اسڪولن بابت دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. تقريب ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم انوارالحق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد، آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي وزيرن، ميمبرن ۽ حريت قيادت شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب ۾ موجود حريت اڳواڻن سان دُعا سلام پڻ ڪئي.