بيجنگ-22 جنوري (اي پي پي) چين چيو آهي ته نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪيوبا کي دھشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ رياستن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ آمريڪا طرفان غنڊه گردي جو مظاھرو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق چيني پرڏيھي وزارت جي ترجمان گوجيا ڪون گذريل ڏينھن چيو ته آمريڪا طرفان فھرست جو بار بار استعمال حقن جي خلاف ۽ آمريڪا جي ڏاڍ پسنداڻي، جابراڻي ۽ غنڊه گردي کي پوري طرح ظاھر ڪري ٿو.