ميلبورن-22 جنوري (اي پي پي) جرمني جو ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ٻه ۽ ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ اليگزينڊر زويروف ۽ سربين ٽينس اسٽار ۽ 24 گرينڊ سلام جو فاتح نوويڪ جوڪووچ آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن ۾ پنهنجي اڳڀرائي کي جاري رکندي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو. جرمني ۾ ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ٽو ۽ ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ اليگزينڊر زويروف مردن جي سنگلز مقابلن ۾ ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ آمريڪي حريف رانديگر ٽومي پال کي شڪست ڏني جڏهن ته سربين ٽينس اسٽار نوويڪ جوڪووچ ميگا ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ هسپانوي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٿرڊ سيڊڊ ڪارلوس الڪاراز کي مات ڏني. آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ جاري 113 هين ميگا ايونٽ ۾ اربع ڏينهن کيڏيل مينز سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ جرمني جي ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ٽو ۽ ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ اليگزينڊرزويروف سخت مقابلي کانپوءِ آمريڪي حريف رانديگر ٽومي پال کي 7-6(7-1)، 7-6 (7-0)، 2-6 ۽ 6-1 تان نه رڳو شڪست ڏني پر ٽورنامينٽ جي مينز سنگلز سيمي فائنل رائونڊ تائين رسائي حاصل ڪري ورتي. هڪ ٻي ميچ ۾ سربيا جي ٽينس اسٽار ۽ 24 گرينڊ سلام جي فاتح نوويڪ جوڪووچ شاندار ميچ پيش ڪندي مينز سنگلز ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ هسپانوي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٿرڊ سيڊڊ ڪارلوس الڪاراز کي 4-6، 6-4، 6-3 ۽ 6-4 تان هارائي ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ميچ ۾ جرمني جي اليگزيينڊر زويروف جو مقابلو سربين ٽينس اسٽار نوويڪ جوڪووچ سان ٿيندو.