اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان غزه جي نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو، گوادر پاڪستان جي ترقي جي لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ايئرپورٽ جو افتتاح خوش آئنده آهي، سچائي، محنت ۽ ٽيم ورڪ سان پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم بڻائينداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته غزه ۾ وڏي رتوڇاڻ ۽ تباهي کانپوءِ 42 ڏينهن جي لاءِ جنگ بندي ٿي آهي، دعا آهي ته اها جنگ بندي مستقل هجي، 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني مائرون، ڀينرون، بزرگ، ٻار، نوجوان، انجنيئرز ۽ ڊاڪٽرز ان ۾ شهيد ٿيا ۽ شهرن جا شهر تباهه ٿيا، پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي آزادي ۽ غزه ۾ جنگ بندي جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي، اسان فلسطينين جي امداد ۽ ريليف جي لاءِ پنهنجو حصو وڌو، نئين سر تعمير جو مرحلو شروع ٿيڻ تي پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪنداسين، اهو اسان جو فرض آهي جنهن کي الله جي رضا جي لاءِ پورو ڪنداسين. وزيراعظم گوادر ايئرپورٽ جي باضابطا آپريشنل ٿيڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته هي منصوبو چين جي 230 ملين ڊالر جي لاڳت سان مڪمل ٿيو، گوادر ايئرپورٽ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ شمار ٿئي ٿو جيڪڏهن اهو ڪمرشل بنيادن تي آپريٽ ٿئي ٿو ته بلوچستان ۽ پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻو اهم هوندو. وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو پاڪستان دشمني تي لٿل آهن ۽ قتل عام جو بازار گرم ڪري رکيو آهي انهن کي اها ڳالهه ڄاڻي ڇڏڻ گهرجي ته ان قتل عام سان نه رڳو بلوچستان جي عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي پر اها پاڪستان جي عوام سان به سڌي سنئين دشمني آهي، چين جهڙو دوست جنهن پنهنجي وسيلن مان پاڪستان کي هي تحفو ڏنو آهي، ان جي قدر ڪرڻ گهرجي، ڪراچي جي بندرگاهه اڳ ۾ ئي تمام گهڻي مصروف آهي ۽ اتي اچ وڃ جو تمام گهڻو بار آهي. وزيراعظم چيو ته گوادر پاڪستان جي ترقي ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ان جي خلاف ڇڪتاڻ پاڪستان دشمني آهي. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي ڊگهي مدي واري حصيداري فريم ورڪ کي خوش آئنده قرار ڏنو جنهن تحت ايندڙ 10 سالن ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ سماجي شعبي جي لاءِ ان قرض سان اسان جي سماجي شعبي جي معيشت کي سگهه ملندي، اسان کي ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ آهستي آهستي اضافو ٿي رهيو آهي، ڊسمبر 2024ع ۾ روانگي واپار سڀ کان وڌيڪ (348 ملين ڊالر) رهيو آهي جيڪو خوش آئنده آهي. وزيراعظم آءِ ٽي واري وزارت ۽ لاڳاپيل عملدارن کي شاباس ڏيندي چيو ته اسان کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ وڌيڪ اڳتي وڌڻو آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي انگ اکر خوش آئنده ۽ ان ڳالهه جي علامت آهن ته اسان محنت، سچائي ۽ ٽيم ورڪ سان پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم بڻائينداسين. هن توانائي واري وزارت کي اليڪٽرانڪ گاڏين جي حوالي سان جامع پروگرام تي پڻ شاباس ڏني. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال حاجين کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ انهن جو بهترين طريقي سان خيال رکيو ويندو ۽ رهنمائي ڪئي ويندي. وزيراعظم فتنه الخوارج جي خاتمي جي لاءِ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته انهن قربانين جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي، قوم انهن قربانين جو قرض ادا نه ٿي ڪري سگهي.