ڪينبرا- 21 جنوري (اي پي پي) آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچ 23 جنوري تي مانوڪا اوول، ڪينبرا ۾ کيڏي ويندي. ويمنز ايشز سيريز ۾ آسٽريليا جي ويمن ٽيم کي انگلينڊ جي ويمن ٽيم خلاف 1-0 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. آسٽريلوي ويمنز ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي وومين ٽيم کي 57 رنسن تان هارايو هو. آسٽريلوي ويمن ٽيم جي قيادت اليسا هيلي ڪري رهي آهي جڏهن ته انگلينڊ جي وومين ٽيم کي هيٿرنائٽ ليڊ ڪري رهي آهي.