حيدرآباد-20 جنوري (اي پي پي) سينيئر صوبائي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صحافت جي آزادي پ پ جي ليڊرشپ جو ويزن رهيو آهي. اهڙو اظهار هن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ايڇ يو جي، جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت دوران ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته حيدرآباد جا صحافي مون کي وزير نه پر پنهنجو عزيز سمجهن ٿا، پ پ هميشه صحافين جي فلاح، بهبود ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي. صحافت جي آزادي پ پ جي ليڊرشپ جو ويزن رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ماضيءَ ۾ پ پ جي ڪردار کي خراب ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پ پ ۾ برداشت جو مادو آهي، پ پ جو گذريل حڪومتن جي دؤر ۾ ميڊيا ٽرائل به ڪيو ويو پر پ پ جمهوريت پسند پارٽي رهي ۽ برداشت ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ عوام لاءِ صحت جي شعبي تي ڪم ٿي رهيو آهي، دل جي بيمارين جو ادارو اين آءِ سي وي ڊي سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ پ پ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، صحافي به سنڌ حڪومت جي اسٽيٽ آف آرٽ جي اسپتالن مان پنهنجو علاج مفت ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته حيدرآباد ۾ سول اسپتال سميت اين آءِ سي وي ڊي جهڙي اسپتال موجود آهي جيڪا سٺي سروس مهيا ڪري رهي آهي. سول اسپتال کي وڌيڪ اپ گريڊ به ڪري رهيا آهيون. صحافين کي هيلٿ انشورنس ڏيڻ لاءِ هڪ مڪينزم ٺاهينداسين يا ڪا انڊومينٽ فنڊ رکنداسين ته جيئن صحافي پنهنجو هيلٿ انشورنس ڪرائي سگهن. هن چيو ته حيدرآباد ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سرڪاري ٽرانسپورٽ جي زمين تي حددخليون آهن جيڪي ختم ڪرايون وينديون. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ جو بنيادي ڍانچو زراعت آهي، اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي لائيو اسٽاڪ جي آمدنيءَ کي 10 لک ڊالرن تائين کڻي وڃون. پنجاب ۾ ڪينال ڪڍڻ واري سوال تي صوبائي وزير چيو ته پ پ جو ڪينالن جي معاملن تي مؤقف واضح آهي ۽ اسان جي مؤقف ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي. پ پ ۽ سنڌ حڪومت پاڻيءَ جي مسئلي تي سنجيده آهن، سي سي آءِ جو اجلاس جلد گُهرائي ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جلد سکر- حيدرآباد موٽر وي تي ڪم ڪري ته جيئن ٽريفڪ جي اچ وڃ بهتر ٿئي ۽ حادثن کان بچي سگهجي، ان روڊ کي اڃا تائين مڪمل نه ڪري وفاق نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي ماڻهن سان زيادتي ڪري رهيو آهي. سنڌ جي باقي ضلعن ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلن جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جون ڀرپور ڪوششون آهن، جتي جتي حددخليون آهن انهن کي ختم ڪري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يا حڪومت جي فنڊنگ ذريعي ٽرانسپورٽ جا منصوبا شروع ڪريون. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته حيدرآباد جي شهرين کي به اي وي بسز جي سروسز ميسر ٿئي ۽ اي وي ٽيڪسيز به جلد شروع ڪنداسين. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جا شيئر جلد وقت تي اسان کي فراهم ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ سميت پوري پاڪستان جي معيشت کي نقصان کان بچائي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم کي گذارش آهي ته سکر- حيدرآباد موٽر وي کي فوري مڪمل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي 14 سالن جي سزا ٿي پر ڪنهن به احتجاج نه ڪيو، هڪ ليڊر کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿي ويندا آهن پر هن کي جڏهن سزا ملي ته ڪو احتجاج نه ٿيو، ان مان اهو ثابت آهي ته اهو شخص جڏهن ٻاهر هو ته انتشار پکيڙي رهيو هو. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي سي زين العابدين ميمڻ، ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد ارشاد علي چانڊيو سميت ٻيا آفيسر به موجود هئا.