اسلام آباد _17 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ خراب موسم سبب دير جو شڪار رهي. ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ٽيسٽ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٽاس ڪوهيڙي ۽ خراب موسم سبب دير جو شڪار رهي. امپائرن ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ گرائونڊ جو جائزو ورتو. ٻئي پاسي قومي ٽيم جي پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو ويو ٽيم جي قيادت شان مسعود ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم، ڪامران غلام، سعود شڪيل، محمد رضوان، سلمان علي آغا، ساجد خان، نعمان علي، خرم شهزاد، ابرار احمد ۽ محمد هريره شامل آهن. نوجوان ڪرڪيٽر محمد هريره ويسٽ انڊيز خلاف هوم گرائونڊ تي پنهنجو ڊيبيو ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ سريلنڪا جي رنجن مدوگالي کي آئي سي سي ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا جو راڊني ٽڪر ۽ انگلينڊ جو رچرڊ ڪيٽلبرو آن فيلڊ امپائرز هوندا جڏهن ته آسٽريليا جو پال رائفل ٿرڊ امپائر ۽ فيصل آفريدي فورٿ امپائر هوندو.