اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته رشوت، ڪرپشن ۽ ڌاڙو ثابت ٿي چڪو آهي، القادر ٽرسٽ رڳو بليڪ مني کي وائٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو، 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ مذهب ڪارڊ استعمال ڪيو ويو، ڊفينس ڪائونسل ڪيس سياسي طور تي وڙهيو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ عدالت ۾ ٺوس ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ٻڌايل سزا قانون، ميرٽ ۽ ثبوتن موجب آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ پاڪستان جي تاريخ جو ميگا ڪرپشن ڪيس هو، ڊفينس ڪائونسل ان ڪيس کي سياسي طور تي وڙهيو، فيصلي ۾ به چيو ويو آهي ته صفائي واري وڪيل بيگناهي جا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو ۽ پراسيڪيوشن پاران رشوت جي ثبوتن جو جواب به نه ڏئي سگهيو. باني چيئرمين پي ٽي آءِ عدالت ۾ ٺوس ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان ڪيس ۾ مذهب ڪارڊ استعمال ڪيو ويو، اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاران ضبط ٿيل رقم وصول ٿي، توهان جنهن کان ضبط ڪئي انهي جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ان جي عيوض زمان پارڪ لاهور ۾ 25 ڪروڙ جو گهر ٺاهيو، هيري جون 5، 5 قيراط جون مُنڊيون ورتيون، ٻه سئو ڪينال زمين ورتي ۽ زال مڙس فراڊ ٽرسٽ ٺاهيو، القادر ٽرسٽ ڪنهن ايڌي يا ڇيپا جو نه پر بليڪ مني کي وائيٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، رشوت ۽ ڪرپشن کي سيرت سان نه ڳنڍيو، اهو ان کان وڏو جرم آهي، توهان ان جو قانوني طور تي جواب ڏيو. توهان جي رشوت، ڪرپشن ۽ ڌاڙو ثابت ٿي چڪو آهي، اهو پئسو پاڪستان جي عوام جي امانت هئي جيڪو هڪ اهڙي شخص جي حوالي ڪيو ويو جنهن کان اهو ڏنڊ جي طور تي ضبط ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ انصاف جو مان مٿانهون ٿيو آهي، هي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو فيصلو آهي، ان ڪيس ۾ اپيل جو حق حاصل آهي پر توهان اپيل ۾ وڃو ٿا ته اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اين سي اي رقم پاڪستان حڪومت کي ڇو ڏني؟ اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته بند لفافو ڪابينا وٽ ڇو کڻي ويا؟ اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته توهان فراڊ ٽرسٽ نه ٺاهيو، لاهور ۾ 25 ڪروڙ جو گهر نه ٺاهيو، 5 قيراط جي مُنڊي نه گهري، ٻه سئو ڪينال زمين اسلام آباد ۾ نه ورتي. هن چيو ته مذهب کي پنهنجي ڪڌي ڏوهه ۽ ڪارا ڪرتوت لڪائڻ جي لاءِ استعمال نه ڪريو، هي اوپن اينڊ شٽ ڪيس هو، انهن جي ڪرپشن ثابت ٿي چڪي اهي، ان ڪيس ۾ قانوني لوازمات پورا ڪيا ويا ۽ سزا ٻڌائي وئي جيڪا قانون، ميرٽ ۽ ثبوتن موجب آهي. باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن ڪيس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، التوا جو شڪار ڪيو، سياسي بيان ڏنا. هن چيو ته اڄ پوري ملڪ جا ناليوارا وڪيل چئي رهيا آهن ته هي فيصلو قانون موجب آهي، آزاد مبصر ۽ تجزيه نگار به هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته 190 ملين پائونڊ جو هي ڪيس رشوت، ميگا ڪرپشن ۽ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهزاد اڪبر ايسٽ ريڪوري يونٽ جو سربراهه هو، ان يونٽ جا دستاويز سامهون آيا آهن جنهن ۾ 190 ملين پائونڊ کي آفيشل رڪارڊ ۾ ريڪوري ظاهر ڪئي وئي آهي. ايسٽ ريڪوري يونٽ وزيراعظم آفيس ۾ ڪرپشن روڪڻ ۽ ڪرپشن جي پئسي کي ريڪور ڪرڻ جي لاءِ ٺهيو هو، هاڻي شهزاد اڪبر جي دستاويزن موجب اها رقم بازياب ڪئي وئي جيڪا سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيڻ گهرجي ها.