اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ زاهد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.