اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ صنعت جي لاءِ بجلي جي ٽيرف بابت ٻيون اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بجلي ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن وارن وزيرن، وزيراعظم جي بجلي واري خاص معاون، ناڻي ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير، ناڻي، پاور اينڊ آءِ ٽي وارن سيڪريٽريز، ايف بي آر ۽ نيپرا چيئرمين شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ناڻي، آءِ ٽي ۽ پاور واري وزارت پاران پيش ڪيل تجويز جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي بجلي جي صنعتي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪارروائي شروع ڪن.