اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مقامي طور تي تيار ڪيل اليڪٽرو اپٽيڪل سيٽلائيٽ جي لانچنگ کي قابل فخر قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اسان جي وڌندڙ صلاحيتن جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسپارڪو اڄ پاڪستان ۾ تيار ڪيل پهريون اليڪٽرو آپٽيڪل اي او – ون سيٽلائيٽ جيو چوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر، چين تان خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پوري قوم جي لاءِ هڪ قابل فخر لمحو آهي. وزيراعظم چيو ته فصلن جي پيداوار جي اڳڪٿي کان وٺي شهري ترقي جي منصوبن تائين اهو سيٽلائيٽ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته اسپارڪو جي سربراهي ۾ اهو خلائي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اسان جي وڌندڙ صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي انهن جي لگن ۽ هڪ بهترين ٽيم ورڪ تي مبارڪباد ڏني.