ڪوالالمپور-13 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي انڊر 19 ويمنز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم نائيجيريا جي ٽيم کي 11 رنسن تا شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان جي عورتاڻي ٽيم پهريان بيٽمنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 105 رنسون ٺاهيون. فاطمه خان 28 ۽ راويل فرحان 23 رنسون ٺاهيون. نائجيريا جي ٽيم گهربل هدف هاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 06 وڪيٽن جي نقصان تي 94 رنسون ٺاهي سگهي پاڪستان طرفان قرت العين 02 وڪيٽون ورتيون.